شيرين عبادي

شيرين عبادي

شيرين عبادي

شيرين عبادي: ايراني وڪيل ۽ انساني حقن جي علمبردار شيرين عبادي (Shirin Ebadi) 1947ع ڌاري ايران ۾ پيدا ٿي. هن تهران يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. 1975ع کان 1979ع تائين هوءَ پاڻ تهران جي سٽي ڪورٽ جي بار جي صدر رهي. هيءَ ايران جي پهرين عورت جج هئي، جنهن کان 1979ع جي انقلاب کان پوءِ زوريءَ استعيفا ورتي وئي، جنهن بعد پاڻ وڪالت ڪرڻ لڳي. جلد ئي تهران يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿي. جتي هن علمي تحقيق ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندي معاشري جي ڳنڀير مسئلن کي جمهوري ۽ پرامن حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هوءَ انساني حقن جي حاصلات لاءِ هميشه سرگرم رهندي هئي. ايراني عوام سندس جرئت ڀرين ڪاوشن کي هميشه محبت جي نگاهن سان ڏٺو. هن ايران ۾ سياست، تحرير ۽ تقرير تي قدامت پسنديءَ واري پابنديءَ خلاف هميشه عدالت ۾ جنگ ڪئي.
شيرين عبادي اعتدال پسند اسلام جي حق ۾ رهي، اسلام ۾ هميشه جديد لاڙن آڻڻ لاءِ زور ڀريندي رهي. هن جو نقطه نظر اهو هو ته اسلامي معاشري ۾ جمهوريت، مذهبي آزادي، تحرير ۽ تقرير جي آزادي، قانون جي بالادستي ۽ انساني حقن لاءِ مهاڏو اٽڪائڻ هر شهريءَ جو حق آهي، جنهن لاءِ باشعور ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. مذهبي آزاديءَ جي سلسلي ۾ هن بهائي برادري جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، جن کي ايران ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو ٿي پيو. هن عبادي پناهگيرن، عورتن ۽ ٻارن جي حقن لاءِ به پاڻ پتوڙيو ۽ ٻارن جي حقن جي تنظيم جو بنياد رکيو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ انساني حقن تي ڪيترائي مضمون لکيا. سندس هڪ ڪتاب ٻارن جي حقن بابت انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي. سندس هڪ ڪتاب يونيسيف طرفان ‘ٻارن جي حقن جي قانوني پهلوئن جو مطالعو’ (A study of Legal Aspect of children Rights :1994) ڇپجي چڪو آهي.
سندس ڪتاب Documentation of Humen Rights in Iran سال 2002ع ۾ نيويارڪ مان ڇپيو. وڪيل طور سندس نالو ڪيترن ئي متضاد ڪيسن ۾ سامهون ايندو رهيو آهي. هن 1999ع ۽ 2000ع دوران هڪ منصوبي تحت ايران ۾ قتل ٿيندڙ ليکڪن ۽ دانشورن جي خاندانن طرفان وڪالت ڪئي. ان کان سواءِ تهران يونيورسٽي جي شاگردن تي حملي ڪندڙ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ هن ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون، حملي ۾ ڪيترائي شاگرد مارجي ويا هئا ۽ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي. اهڙين سرگرمين دوران هيءَ ڪيترائي ڀيرا جيل به وئي ۽ تشدد به سٺو. هيءَ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پرامن طريقي تي زور ڏيندڙ ڪارڪن هئي. هن اسلام جي غير انساني تعبير تي ٻڌل قانوني نظام ۽ طاقت جي سياست سبب شڪار ٿيندڙ ماڻهن توڙي گروپن جي دفاع لاءِ ايران ۾ انتهائي دليري ۽ همت جو مظاهرو ڪيو. شيرين عباديءَ کي اهڙين خدمتن عيوض 2003ع ۾ امن جو نوبل انعام ڏنو ويو.
هن فارسيءَ ۾ انساني حقن ۽ ايراني معاشري کي جديد لاڙن تي هلائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جڏهن ته مقامي توڙي بين الاقوامي اخبارن ۾ سندس مضمون ڇپيا.


لفظ شيرين عباديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو